ڳوٺ پنھل خان چانڊيو جي شھيدن جي درد ڪٿا

news

 حيدرآباد: ڇنڇر 29 سيپٽمبر 2018ع: اهو رڳي احتجاج ڪٿي هو! هي جو سڪرنڊ واري چوٿين ميل کان ٿورو اڳيان پنھل خان چانڊيو ڳوٺ سامھون بينر کڻي اچي نيشنل هاءِ وي تي ويٺا هئا. سي رڳي جهموريت جي بحالي لاءِ نه آيا هئا نه ئي کين 1973ع جي آئين جي بحاليءَ جو ڪو اوُنو هيو، هو ته بس هڪ مختصر سالن جي انتظار کانپوءِ سمورن تصوفي رنگن سان پنهنجي محبوب اڳواڻ  ۽ سنڌ جي صدين جا فرياد کڻي اچي روڊ تي ويٺا هئا ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهيا هئا، کين اهو علم ڪٿان هو ته 1973ع جي آئين جا آرٽيڪل ڇا ٿا چون يا جهموريت جو جوهر ڇا آهي؟ هنن کي بس ايتري خبر هئي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي ماريو ويو هو،  کيس سنڌي ھجڻ جي ڪري ماريو ويو ھو ۽ سال گذرڻ کانپوءِ به سندن اڳواڻ جو ڪو انصاف نه ٿيو هو.

پر پوءِ به جڏهن اڄوڪي ڏينهن تي کين قرآن پاڪ پڙهڻ باوجود انصاف ملڻ بدران بارود جي دونهين ۾ لَهولَهان ڪيو ويو ته جيل ۾ قيد چاچي قيصر خان جي اکين ۾ ته روُڻيون پيون هيون پر پنهل خان جو به تصوفي وِجدان شاهه عنايت شهيد جون شاهديون ڏئي رهيو هو. عجيب الميو هو جو ٻاجِهرين سَنگ ڪڍيا هئا ۽ چِٽَ جي مُدَ ۾ سَرنِسرڻَ لاءِ آتا هئا ۽ شهيدن جي زالن مُساڳ لهڻ نه ٿي ڏنو ۽ سندن سَڳِيُن جا جُهوڙا ڪَنڌ جي هڪ لوڏي تي رقص ڪرڻ ٿي لڳا، سامونڊي جي مند مٿان هئي، وڻجارن جي ورڻ جا اوسيئڙا هئا، جوڀن جِن لاءِ جلي رهيو هو اهي وقت جي سمنڊ تان سِڙَهه سنڀالي ورڻا هئا. جو سندن وهُن سمنڊ کي اَکا  ۽ کَٿوري ڏئي ڇڏي ھئي ۽ مائرن پنهنجن موڀي پٽن لاءِ مينديون ڀِڄائي رکيون هيون،  چاڏي ۾ مانڌاڻي ڦيريندي به سندن زبانن تي سِهرا هئا. چاچي قيصر خان ۽ پنهل خان چانڊيو جي آس پاس وارن ڳوٺن جي ڳلين ۾ خوشبو هئي ۽ ٻار کٽن ۾ ٻڌل لوڏن ۾ هونگڙيون ڏئي رهيا هئا ۽ سندن ڳٽن تي سرمي جي سرائي سان نڪتل ٽِڪا، نرڙ تي ٺاهيل اَلِي ۽ سُرمي سان ڪارا ڪيل ڀِرُون سندن سونهن جي انتهائن کي ڇهي رهيا هئا، جڏهن انهن ٻارڙن ننڊ ۾ مُسڪرايو ٿي ته مائرن جو وجود نديون بڻجي ٿي پيو.

پر الاءِ ڇو اڄ مال جي چَڙَنَ جو رِڌِمُ به عجيب هيو. جڏهن ڌراڙ پويان ڪاموريون ۽ بَڊِيون ڪَنڌُ لوڏي ٿي هليون ته سندن چڙن جي لارن مان عجيب موسيقي جنم ٿي ورتو، ڄڻ ته ٻيجل موٽي آيو هيو ۽ روڊ تي ويٺل انصاف جا متلاشي راءِ ڏياچ بڻجي پيا هئا ۽ ٻڪرين جي ڳچين ۾ ڄڻ ڪنهن سُرُندا ٻڌي ڇڏيا هئا. اڄ الاءِ ڇو ڌاراڙ جي چنگ ۾ رقص وارو لَهرو نه هيو ، چنگ جي تار آڱرين کي زخمي ڪري رهي هئي ۽ ڌراڙ جي دل جو دَهڪو اڄ ڪجهه وڌيڪ تيز هيو، پر پوءِ به هو ڪهاڙي ڪلهي تي رکي ڌڻ اڳيان هلي رهيو هيو.

جيل جي قيدي چاچا قيصر خان جي اوطاق تي ٻير جي جهوني وڻ هيٺان سندس وڏي کٽ جيئن جو تيئن پيل هئي، سندس ڳوٺ جا وڻجارا به روڊ تي قرآن پڙهي رهيا هئا ته ڪن جي هٿن ۾ وري بينر هئا جن تي بندوق جي حڪمراني کان نفرت جو اظهار ٿيل هيو ۽ برابري جي صدا بلند ٿيل هئي، پنهل خان جا ڳوٺاڻا به بينر جهليو بيٺا هئا جن کي به هزارين سالن تي مُحيط سنڌ جي امن ۽ خوشحالي جو اونو هيو ۽ پنهل خان پنهنجي ٻَنِي تي مَستن جو اهو نظارو ڏسي رهيو هيو، جنهن مستي ۾ سنڌ جي صدين جا سڏ هئا ۽ انهن سڏن ۾ منصور جو آواز ته هيوئي پر مياڻي کان دُٻِي تائين جون هڪلون ۽ هوڪرا به هيا. بظاهر ته خاموشي هئي پر اهي سڏ الاءِ ڇو پنهل خان جي ڪنن جا پڙدا ڦاڙي رهيا هئا.

تاريخ جي اها رهزني هئي يا ٻيو ڪجهه پر ڏياچن تي ٻيجل اچي ڪڙڪيا هئا پر سندن هٿن ۾ سُرندن بجاءِ بندوقون هيون. انصاف لاءِ آيل مَتارَن کي ته وهم به نه هيو ته ڪو کين موکِي جي روپ ۾ مَڌَ جي مَٽَنَ بدران کين بي رحم ۽ بي ساڃاهه بندوق جو بارودي مَڌ آڇيو ويندو، پر ائين ٿيو! موکي مرداڻا ڪپڙا پائي لشڪر سميت متارن مٿان ڪاهه ڪري ڏني هئي ۽ ٻيجل بندوق سان سُرُندو وڄايو هيو، قرآن پاڪ جو وِرد ڪندڙن به پنهنجا ڪنڌ ڪپجڻ لاءِ نوائي ڏنا ھئا ۽ بندوق جي بي سُري سُرندي جا آواز بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيا هئا. متارا ۽ ڏياچَ ڪنڌَ ڪپائيندا رهيا پر جن جي هٿن ۾ بينَرَ هئا اهي اوستائين بيٺا رهيا جيستائين سندن وجود ۽ بينَرَ پروڻ نه ٿيا بندوقن جي بي رحم ٺڪائن تي، کٽن جي اِيسُن سان ٻڌل لوڏُن ۾ تَنجڻا ڏنل ٻارن کان پهريان ڇرڪ نڪتا ۽ پوءِ ريهون، مائرن جا هيئان هيرڻ پن وانگر ڦاڪون ٿيا ۽ وَهُن وڻجارن لاءِ واڪا ڪندي ڪيڏارو ڇيڙيو، ڌراڙ جي هٿ مان چنگ ڇڏائي ويو، ڌڻُ ٽاهه کائي بر منهن ڪري ڀڳو، آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ پنهل خان جي ڳوٺ سميت آس پاس جا سڀئي ڳوٺ ۽ انهن ڳوٺن جا گهر پِڙُ بڻجي ڪربلا ٿي ويا.

بي بي سي جي نمائندي مارڪ ٽيلي کي شايد سنڌ سڏيو هيو جو سنڌ کي تاريخ جي عدالت لاءِ شاهد گهربل هيو ۽ اڄوڪي ڏينهن تي مارڪ ٽيلي بي بي سي تان پنهنجي شاهدي رڪارڊ ڪرائيندي دنيا کي ٻڌايو ته سڪرنڊ لڳ ڳوٺ پنھل خان چانڊيو وٽ جهموريت جي بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙن مان 16 ڄڻن کي ماريو ويو آهي 45 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن ۽ مارڪ ٽيلي ٻيو به گهڻو ڪجهه ٻڌايو هيو ۽ دنيا حيران ٿي هئي ته وحدت الوجودي مفڪر، لطيف سائين جي ديس وارن صوفي منش ماڻهن کي قرآن پاڪ پڙهندي رڳي انڪري ماريو ويو ھيو جو انهن دنيا جي پسنديده جهموري نظام جي بحالي لاءِ پرامن احتجاج ڪيو هيو! ۽ پوءِ ان ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ نه رڳي هي ملڪ مسلسل بحرانن جي ورچڙهندو ويو پر تاريخ انصاف ڪندي جنرل ضياءَ جو آسمان ۾ ئي انت آندو.

شام ٿي! ۽ پوءِ سانجهي پر ڪنهن به عورت سانجَڻِ جا ساٺَ نه ڪيا جو کين اڃان پتو ئي نه پيو هيو ته ڪنهن جو ڪانڌُ قربان ٿيو، ڪنهن جو ڀاءُ قتل ڪيو ويو ۽ ڪنهن جي جگر کي جِهير ڏنا ويا. ان رات رڳي قيصر خان ۽ پنهل خان نه، پر پري پري تائين ڪنهن گهر جي چُلهه نه ٻَري هئي ۽ سنڌ سميت دنيا جي هر ضمير کان ريهه نڪري وئي هئي..

رات گهڻي گذري چڪي هئي ۽ سنڌ جو ماتم جاري ئي هيو جو هڪ هڪ گهر ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي شھيدن جون مَيتون پُهتيون ۽ ڀٽائي جي فقيرن ڪيڏارو ڇيڙيو ته شهيدن جي عورتن اوسارا ڏنا، مٿي ۾ مٽي وڌي ۽ کٽن جي پاڳن سان چوڙين ٽٽڻ جا آواز سنڌ جي ڪَنين پيا ۽ ان ئي لمحي سنڌ پنهنجي سوچ جو رستو تبديل ڪيو. چاچا قيصر خان ۽ پنهل خان پنهنجن شهيدن جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا ۽ جهان ڇڏڻ تائين سندن سينو روئندو رهيو سنڌ سڄي دنيا وٽ جهموريت پسند هجڻ جو داد ته وٺي چڪي پر رهزني الميو اهو ٿيو جو ملڪ ۾ چونڊون به ٿينديون رھيون، اسيمبليون به ٺھنديون رھيون، وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ به ٿيندا رھيا ۽ ٿيندا رھن ٿا پر ملڪ ۾ جمھوريت نه اچي سگھي ۽ اڄ به ايم آر ڊي تحريڪ جا شھيد ھن ملڪ لاءِ سوال بڻيل آھن ته اھا جمھوريت ڪڏھن ايندي جڏھن چونڊي نمائندن بجاءِ عوام خوشحال ٿيندو ۽ اھا جمھوريت ڪڏھن ايندي جڏھن اُجاڙ جا منظر پيش ڪندڙ شاھوڪار سنڌ ڪرپشن لاءِ نه پر سنڌ جي 70 سيڪڙو خوراڪ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وفاق کان پنھنجو حصو گھرندي...!؟

۽ اھا تحريڪ جنھن لطيف سائين جي سرن کي معنيٰ بخشي سا تحريڪ اڄ به سوچي ٿي ته سنڌو ماٿري جي لوڪن آخر اھڙي ڪھڙي خطا ڪئي آھي جو کين ڪاري سائي جي ور چاڙھيو ويو آھي، موھن جي ماٿري جا ڪروڙين انسان پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ سڪي رھيا آھن، ڪيلاش پربت جي اوچين چوٽين تان شينھن جي وات مان نڪرندڙ سنڌو درياءَ کي ڪھڙي ڏوھ ۾ سڪائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، سنڌ رڳي سوچي نه پئي پر ھاڻ اھي ھونگڙيون ڏيندڙ ٻار به جوان ٿي چڪا آھن جيڪي ڪنھن آخري فيصلي تي پھچڻ جو ڪو آخري فيصلو ڪري رھيا آھن.