آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هيليڪاپٽر تي فائرنگ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: اسد قيصر

news

 صوابي: آچر 30 سيپٽمبر 2018ع: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هليڪاپٽر تي ڀارت جي فوجين پاران فائرنگ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري آهي، عالمي برادري ڀارت جي جارحاڻي رويي جو نوٽيس وٺي، عالمي قانون اهڙي ڪريل حرڪت جي اجازت نٿو ڏئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن مطالبو ڪيو ته عالمي دنيا نوٽيس وٺي، ڀارت اليڪشن لاءِ اهڙو ماحول جوڙي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي خلاف پروپگينڊا ڪري سگهي، نئون مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته اهڙو مڪاني نظام چاهيون ٿا ته جيئن اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿين ۽ عوام جا مسئلا حل ٿيڻ ۾ سولائي ٿئي.