ڪلوئي ۾ ڳوٺ ڪاجهر واسڻ عورت جو ساهرن جي زيادتين خلاف احتجاج

news

ڪلوئي: سومر 08 آڪٽوبر 2018ع:ڪلوئي ويجهو ڳوٺ ڪاجهر واسڻ شادي شده ناري خان زادي لنڊ سندس پيءُ عبدالغفور ۽ ٻين وارثن بااثرن خلاف دانهيو، ناري خانزادي لنڊ جو چوڻ آهي ته منهنجي شاديءَ کانپوءِ منهنجو مڙس غلام رسول اهو چئي مون تي مبينا وحشياڻو تشدد ڪندو هو ته توکي اولاد ڇو نه ٿو ٿئي، هن چيو ته منهنجو سهرو پانڌي ساڻس گڏجي مون تي تشدد ڪرائيندو هو.

ناري موجب ٻن سالن تائين هوءَ تشدد برداشت ڪندي رهي، سندس چوڻ هو ته مونکي مائٽن ۽ چاچن پاران مليل ٻه تولا سون، ٻه مينهون، ٻه ڍڳيون ۽ گهر ۾ پيل لکين رپين جو سامان کسي هنن مونکي گهران بي دخل ڪري ڇڏيو آهي.

ناري جي پيءُ عبدالغفور لنڊ چيو ته ڪافي ڀيرا منهنجي نياڻي تشدد سبب بيهوشي واري حالت ۾ مون وٽ پهتي ته سندس ملم پٽي به آئون ڪرائي کيس گهر پهچائي ايندو هئس ۽ هن وقت هو اسان جي گهرن تي حملي جون تياريون ڪري رهيا آهن ۽ هو منهنجي نياڻي کي اغوا يا قتل ڪرائي سگهن ٿا، اسان گهرن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پريشان آهيون.

ناري جي والد جو چوڻ هو ته اسان اهڙيون دانهون ڪلوئي پوليس کي پڻ ڏنيون آهن پر ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آهي. ناري خانزادي ۽ سندس وارثن ڊي آءِ جي ميرپوخاص کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڪلوئي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان معاملي جي جاچ ڪيون پيا.01