سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري کي وڇڙئي ڇويهه سال گذري ويا

news

 حيدرآباد: اڱارو 09 آڪٽوبر 2018ع:سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر استاد بخاري کي وڇڙئي 22 سال گذري ويا آهن. 

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر استاد بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ دادو جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو سيد احمد شاهه هو. هن 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور مقرر ٿيو، 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين، 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين.

استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر هو، هُن نه رڳي پيار محبت جا گيت لکيا پر انقلابي سٽن وسيلي پڻ نوجوانن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، هن جا ڪيترائي شاگرد پڻ هئا، استاد بخاري نه رڳو لائق استاد ۽ سٺو شاعر هو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. سندس ڪلام کي منظور سخيراڻي تمام گهڻو ڳايو. سندس گيت عابده پروين، استاد جمن علي، سرمد سنڌي، تعمير حسين، احمد مغل، فوزيه سومرو ۽ ٻين ڀلوڙ راڳين پڻ ڳايا.

استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ 9 آڪٽوبر 1992ع تي مداحن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، کيس دادوءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. کيس سنڌي ادب ۽ شاعري جي خدمتن عيوض سندس وفات کانپوءِ 2009ع ۾ حُڪومت پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس جو تمغو ڏنو ويو. سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران مڃتا طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو جو نالو سندس نالي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو طور منسوب ڪيو ويو.

استاد بخاري کي وڇڙئي 22 سال گذري ويا آهن پر اڄ به استاد جي شاعريءَ وڏي شوق ۽ پيار سان پڙهي ۽ ڳائي ويندي آهي.