ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري، اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ سئو ڇٽيهه رپين تي وڪرو

news

ڪراچي: اربع 10 آڪٽوبر 2018ع: رپئي جي بيقدري اڃا به جاري آهي، اڄ به اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 136 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، اڄ انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن کان وڌيڪ رپئي جي بيقدري  ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊالر جي قيمت اضافو اڃا به جاري آهي.

سيڪريٽري ايڪسچينج ڪمپني ظفر پراچا خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي خريداري 134 رپيا ۽ وڪرو 136 رپيا تائين پهچي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته ڊالر جي قيمت ۾ هڪ ڏينهن اندر 1.50 رپيه واڌ ٿي آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ڊالر وڪرو ڪرڻ وارا گهٽ آهن. هن ٻڌايو ته حڪومت جي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شموليت جو باقاعدگي سان انتظار ٿي رهيو آهي.