سجاول ۾ ارڙي وگهي ٻن ڏينهن اندر ٽي ٻارڙا فوت

news

سجاول: اربع 10 آڪٽوبر 2018ع:سجاول ضلعي ۾ ارڙي کان بچاءَ جا  اڳواٽ انتظام نه وٺڻ سبب ارڙي تيزي سان ڦھلجي ڪيترن ئي ٻارڙن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

جنهن ۾ دڙو ويجهو ڳوٺ گل ملاح ۾ 3 ورھين جي ڪريمان ڌيءَ جمن ملاح، ڳوٺ بصر ماڇي ۾ 3 ورھين جو اصغر پٽ حسين ماڇي ۽ ڳوٺ پنھون سولنگي ۾ دودي ڌيءَ حاجي سولنگي ارڙي وگهي فوت ٿي ويا آهن.

جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ ورتل آهن. ٻئي پاسي صحت کاتي طرفان 25 آڪٽوبر کان ارڙي کان بچاءَ جي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ سجاول جي سڄاڻ ڌرين صحت کاتي سجاول تي زور ڀريندي چيو آهي ته ارڙي کان بچاءَ جا ٽڪا لڳائڻ لاءِ ٽيمن کي هر ٻار کي ٽڪا لڳائڻ جو پابند بڻايو وڃي ۽ مهم جي سخت جاچ ڪئي وڃي، ته جيئن وڌيڪ معصوم جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.01