پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ_ڀارت سيريز تڪرار بابت آءِ سي سي کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

news

 لاهور: اربع 10 آڪٽوبر 2018ع: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ_ڀارت سيريز تڪرار بابت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پي سي بي پاران لکت جواب 100 کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪو آءِ سي سي ڊسپيوٽ پينل کي لکيو ويو آهي. ڊسپيوٽ پينل پاڪستان ۽ ڀارتي بورڊز کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني هئي.

پي سي بي پنهنجي جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڀارتي بورڊ جي معاهدي جي خلاف ورزي سان مالي نقصان ٿيو ۽ معاهدي ۾ حڪومتي اجازت بابت ڪوبه شرط نه هو.