سعودي عرب سوشل ميڊيا تي دوائن جي خريد ۽ وڪري کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو

news

 رياض: اربع 10 آڪٽوبر 2018ع: سعودي صحت واري وزارت سوشل ميڊيا جي مدد سان دوائن جي خريد ۽ وڪري کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سعودي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو سوشل ميڊيا ذريعي دوائون وڪرو ڪري رهيا آهن. انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

وزارت جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي اهي دوائون وڪرو ڪيون پيون وڃن جنهن جو استعمال انساني صحت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. مقامي شهري ۽ پرڏيهي شهري ان قسم جي دوائن جي وڪرو ڪندڙن کان پاسو ڪن.