ڊائريڪٽر تي جنسي حراسان جا الزام، عامر خان فلم ”موگل“ ٿڏي ڇڏي

news

ممبئي: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: هالي ووڊ بعد بالي ووڊ ۾ به جنسي حراسان خلاف شروع ٿيل مهم مي ٽو زور پڪڙي وئي آهي، مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان بائيوپڪ فلم موگل ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي اهم وجهه ڊائريڪٽر سڀاش ڪپور تي جنسي حراسان ڪرڻ جا الزام آهن.

عامر خان ۽ سندس گهر واري ڪرن رائو طرفان ٽويٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ فلم انڊسٽري ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ واري معاملي سخت مذمت ڪئي آهي. عامر خان جاري ڪيل پيغام چيو آهي ته ٻه هفته اڳ جڏهن مي ٽو واريون ڪهاڻيون سامهون آيون ته انهن اسان جو توجهه ڇڪرائي، هاڻي اسان کي خبر پئي ته جنهن سان گڏ ڪم ڪرڻ وڃون پيا، ان تي جنسي حراسان ڪرڻ جو الزام آهي ۽ هي ڪيس عدالت ٻڌڻي هيٺ آهي.

اداڪار چيو ته جيستائين عدالت جو فيصلو نه ٿو اچي تيستائين فلم کان ڪناره ڪشي ڪنداسين. عامر خان ۽ سندس زال چيو ته ان حوالي سان سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ته جيئن اسان انڊسٽري ۾ سڀ محفوظ ۽ خوشگوار ماحول ۾ ڪري سگهن.