پاڪستان مالي مدد لاءِ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪري ڇڏي

news

بالي: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لاگارڊ تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان طرفان مالي مدد لاءِ باضابطا طور تي درخواست ملي وئي آهي.

انڊونيشيا ۾ جي جزيري بالي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر طارق باجوه آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪرسٽين لاگارڊ کين يقين ڏياريو ته ايندڙ هفتن دوران آءِ ايم ايف جو وفد اسلام آباد روانو ٿيندو.

آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته تحريڪل انصاف جي حڪومت معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.