انگلش وڪيٽ ڪيپر فل سالٽ لاهور قلندرز جي اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندو
ويب ڊيسڪ | 4 مھينا پھريان

لاهور: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: لاهور قلندرز جي ڪوچ ۽ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ عاقم جاويد چيو آهي ته انگلينڊ جو وڪيٽ ڪيپر فل سالٽ جلد ئي پاڪستان ايندو، جتي هو لاهور قلندرز جي اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندو.
انگلينڊ جو 22 سالا وڪيٽ ڪيپر فل سالٽ انگلش ڪائونٽي سسڪس جي لاءِ کيڏندو آهي ۽ گذريل هفتي هن ابوظهبي ٽي ٽوينٽي ڪپ ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪئي. فل سالٽ عاقب جاويد سان لاهور قلندرز جي اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. جنهن تي عاقب جاويد کيس جلد پاڪستان گهرائڻ جو واعدو ڪيو آهي.
عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عاطف راڻا فل سالٽ کي پاڪستان گهرائڻ بابت مڪمل يقين ڏياريو آهي، پر لاهور قلندرز جي ڊولپمينٽ اسڪواڊ کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آسٽريليا وٺي وڃي رهيا آهيون، ان لاءِ واپس اچي فل سالٽ کي لاهور قلندرز جي اڪيڊمي ۾ گهرائڻ بابت فيصلو ڪنداسين.

130