ڪپل شرما ”دي ڪپل شرما شو“ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنيل گروور سان گڏ نظر ايندو

news

 ممبئي: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما ” دي ڪپل شرما شو“ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنيل گروور سان گڏ نظر ايندو.

ميڊيا رپورٽن مطابق اڳ ۾ اهي خبرون سامهون اچي رهيون هيون ته ڪپل شرما هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍي اسڪرين تي نظر ايندو. ڪپل شرما اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي شو ۾ سنيل گروور سان گڏ نظر ايندو. ڪپل شرما 28 آڪٽوبر تي ممبئي واپس اچي شو جي تياري شروع ڪندو.