نيوسعيدآباد ۾ سماجي اداري فريڊ هالوز فائونڊيشن پاران مفت طبي ڪئمپ قائم

news

 نيوسعيدآباد: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع:پاڪستان جي معروف سماجي اداري فريڊ هالوز فائونڊيشن ( انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آسٽريليا ) پاران تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد ۾ طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد سهيل آرائين، ڊي ايڇ او مٽياري سميت سيد احسان علي شاھ، فوڪل پرسن رحمت الله بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ انسانن ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين جي آگاهي بابت ريلي پڻ ڪڍي وئي، ڪئمپ ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن 200 شگر، اکين ۾ ڪارو موتيو، اکين ۾ خارش جي مريضن جون مفت ۾ ٽيسٽون ڪيون، جنهن ۾ 75 مريضن کي ڄاڻايل بيماريون ظاهر ٿيون، جن کي دوائون پڻ ڏنيون ويون.

ڄاڻايل اداري جي ريپريزنٽو سيد احسان شاھ، فوڪل پرسن رحمت الله بلوچ، ڪامران لغاري، فرمان، راشد راجپوت ۽ ٻين موجب نيوسعيدآباد ۾ ڄاڻايل بيمارين جي مفت علاج لاءِ 6 مهينن تائين ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا تعلقي جي مختلف رورل سينٽرن ۾ وڃي مريضن جي چڪاس ۽ ٽيسٽون ڪري انهن مريضن جو علاج ڪيو ويندو.01