ڪراچي مان ٻارڙا اغوا نه پر گهريلو مسئلن جي ڪري گم ٿي رهيا آهن: آءِ جي سنڌ پوليس

news

سکر: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع:سنڌ پوليس جي  آءِ جي سيد ڪليم امام چيو آهي ته ڪراچي مان ٻارڙا اغوا نه گهريلو مسئلن جي ڪري گم ٿي رهيا آهن، سنڌ سرڪار سهڪار ڪري پئي، اي ڊي خواجا سٺو آفيسر آهي، هو به عوام جي اميدن تي پورو لهندو، ڊي آءِ جي آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ڪليم امام چيو ته سنڌ حڪومت پوليس سان سهڪار ڪري رهي آهي، پوليس ۾ وڌيڪ  سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي.

اي ڊي خواجا سٺو آفيسر آهي، جيڪي گذريل آفيسر سٺا ڪم ڪري ويا، ان کي اڳتي وڌايو ويندو، سندس چوڻ هو ته ڪراچي شهر جا ٻه مسئلا آهن، ٻارڙا گم ٿيڻ ۽ ماڻهن جو کنڀجڻ آهي، ٻارڙن جي اغوا جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو، ٻارڙا گهريلو معاملن جي ڪري گم پيا ٿين، ان تي ڳڻتي آهي.

آءِ جي سيد ڪليم امام جو چوڻ هو ته اسلحو تمام گهڻو آهي، جنهن جي ورهاست ڪئي آهي، وڌيڪ به اسلحو خريد ڪري رهيا آهيون، دنيا ۾ پسٽل سسٽم وڌيڪ آهي، ان ڪري شهر ۾ اهلڪارن کي پسٽل ۽ ٻهراڙي رائفل وارا هٿيار فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته پوليس ۾ هر سال اهلڪار رٽائر ٿي رهيا آهن، ان حساب سان نيون ڀرتيون به ڪيون وينديون.

هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته عوام جيڪا مون مان اميد رکي پيو، هو ان تي پورو لهندو. ٻئي پاسي ڊي جي آفيس جي اهلڪارن 13 ڏهاڙن کان پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙ گمبٽ جي شيخ برداري جي متاثرن کي آءِ جي سنڌ آڏو احتجاج ڪرڻ نه ڏنو، بدمست اهلڪارن کين لٺيون وسائي ڀڄائي ڇڏي، جڏهن ته صحافين جي سوال بعد آءِ جي سنڌ سيد ڪليم امام نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کي متاثرن کي مڪمل انصاف ڏيارڻ جي هدايت ڪئي.01