شهدادپور پوليس جو گهر تي ڇاپو، پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪتل نوجوان ۽ ناري هٿ

news

شھدادپور:خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: شھدادپور پوليس سومر فقير ٽائون ۾ ھڪ  گھر تي اوچتو ڇاپو ھڻي خميس واري ڏينھن صبح سوير شھر جي ريلوي ڪالوني مان پيار جي پرڻي لاءِ پنھنجي چاھيندڙ ڪامران ماڇي سان گھران نڪتل نوجوان ناري صدف ڪنڀر کي چاھيندڙ سميت پڪڙي ٿاڻي تي آندو.

جڏهن ته شھدادپور پوليس ناري جي پيءَ سليم ڪنڀر جي فرياد تي جوابدار ڪامران ماڇي خلاف اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ٻنھي کي الڳ الڳ لاڪپ ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ شھدادپور پوليس جي ايس ايڇ او طفيل ڀٽو ٻڌايو ته نوجوان ناري صدف ڪنڀر  کي 164 جي بيان لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.01