ڪراچي: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو، سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي، وائيس چيئرمين سائين بخش بنگلاڻي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اصغر ڏاهري ۽ ٻين قومپرست اڳواڻ سردار اختر مينگل مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته سردار اختر مينگل مٿان حملو مظلوم قومن جي آواز کي دٻائڻ جي سازش آهي، سردار اختر ميگل ننڍن صوبن جي انهن مظلوم ۽ انساني حقن جو سگهارو آواز آهي، جنهن کي ڪنهن به حملي ڌمڪي يا سازش سان دٻائي نٿو سگهجي.
ايس اين پي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هن ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وڏي پئماني تي ٿي رهي آهي، دشمن قوتون انساني حقن جي لتاڙ ڪري ملڪ جي مظلوم قومن کي اهو احساس ڏيارين ٿيون ته اوهان کي ٻي شهريت جو شهري سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته مظلوم قومن جو آواز اٿارڻ نه ڏوهه آهي نه غداري، انهن جو آواز اٿارڻ انساني حقن جي پاسداري آهي انهي لاءِ سردار اختر ميگل جهڙي آوازن کي ڌمڪين ۽ حملن سان ڌمڪائي نٿو سگهجي، سردار اختر ميگل جي جنگ ۽ جدوجهد جاري رهندي.