وفاقي ڪابينا ڪرپٽ ماڻهن جي نشاندهي لاءِ وسل بلور آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي: فواد چوڌري
ويب ڊيسڪ | 4 مھينا پھريان

اسلام آباد: خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: وفاقي ڪابينا ڪرپٽ عنصرن جي سڃاڻپ لاءِ نوان وسل بلور آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گذريل 10 سالن ۾ ورتل قرضن ۽ اهي قرض خرچ ڪرڻ جي حوالي سان تفصيل قوم اڳيان آندو ويندو، ان حوالي سان هڪ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو جيڪا ذميوارن جو تعين ڪندي، ايئر مارشل اسد خان کي پي آءِ اي جو چيئرمين، جڏهن ته اون عباس کي ايم ڊي بيت المال مقرر ڪيو ويو آهي، ايندڙ سال جي آخر تائين اسملنگ ٿيل موبائيل پاڪستان ۾ ڪم نه ڪري سگهنديون، غير قانوني سگريٽ ڪمپنين خلاف آپريشن ڪيو ويندو، نيو اسلام آباد ايئر پورٽ جي تعميري لاڳت جي آڊٽ ڪرائي ويندي، عوام لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت ٺهندڙ گهرن جو انٽرسٽ ريٽ گهٽ کان گهٽ هوندو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي ڄاڻ ڏيندي فواد حسين ٻڌايو ته وزيراعظم ناڻي وزارت کي حڪم ڏنو آهي ته گذريل 10 سالن ۾ جيڪو قرض ورتو ويو اهو ڪٿي خرچ ٿيو ان بابت ٻڌايو وڃي، هن چيو ته پاڪستان جو مثال ان گهر وانگر آهي جنهن کي ڌاڙيلن لٽيو هجي ۽ گهرڀاتي پنهنجي روز مره جا معاملا هلائڻ لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور آهن.
هن چيو ته اسان انهن ڌاڙيلن کان پيسا واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مخالف ڌر ان ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي، قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻاهر ڪيو پيو وڃي، اسپيڪر اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪيو آهي ۽ ميان شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر به جاري ڪيا آهن، اسپيڪر کي قانوني راءِ ڏني وئي ته رمانڊ دوران پروڊڪشن آرڊر نٿو جاري ڪري سگهجي پر هن شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا.
فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن کي ميڊيا اڳيان الزامن جو جواب ڏيڻ گهرجي ها، اڄ جيڪا پاڪستان جي معاشي حالت آهي ان جو ذميوار ڪير آهي، مان اپوزيشن جي جرئت تي حيران آهيان ته جيڪي رات جو ٽي وي تي اچي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا ۽ اينڪرن تي به حيران آهيان جو انهن کان معاشي حوالي سان سوال ڪن ٿا، پ پ ۽ ن ليگ وارا اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڇا ڪرڻ گهرجي، پر اهو بحران انهن جو ئي پيدا ڪيل آهي، انهن کي 6 مهينن تائين گهرن مان نه نڪرڻ گهرجي ها.
هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءَ جمع ڪرايو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جهڙي طرح ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اهڙي طرح گذريل 10 سالن ۾ ملڪ جي جيڪا معاشي حالت ٿي آهي ان جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا ذميوارن جو تعين ڪري.

80