عبدالقادر بلوچ بلوچستان عوامي پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

 ڪوئيٽا: خميس 11 آڪٽوبر  2018ع: بلوچستان ن ليگ جي صدر عبدالقادر بلوچ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ کيس مڪمل سهڪار جي آڇ ڪئي آهي ۽ دوستي جو هٿ وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

عبدالقادر بلوچ چيو ته 25 جولاءِ جي اليڪشن ۾ نواز شريف ٻن تڪن تان پارٽي ٽڪيٽ ڏني، هڪ منصوبي تحت ٻنهي سيٽن تان هارايو ويو ۽ هڪ تڪ تبديل ڪيو ويو جنهن لاءِ اسان کي ڏکيائي ٿي. هن چيو ته بلوچستان ۾ پارٽي کي گراس روٽ سان اٿاريو ويندو ۽ ڪجهه مهينن ۾ پارٽي کي وڌيڪ فعال ڪيو ويندو. هن چيو ته نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد احمد کي چوندس ته هو حقيقتن تي ٻڌل فيصلا ڪري، هو منهنجو ڪلاس فيلو آهي، اميد آهي ته هو پهريان معلومات حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي ڪنهن بابت ڪيس داخل ڪندو.

هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف خلاف جيڪي ڪيس ٺاهيا ويا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ شهباز شريف کي جنهن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ان جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته بلوچستان جو وڏو وزير مير ڄام ڪمال خان بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي ان سان بلوچستان جي عوام کي فائدو ٿيندو ۽ اسان ان بابت مڪمل سهڪار ڪنداسين، اسان بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا.