اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون

news

 اسلام آباد: خميس 11 آڪٽوبر  2018ع: اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، سڄي ملڪ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 35 تڪن ۾ ننڍي چونڊ 14 آڪٽوبر تي ٿيندي، جنهن جي مانيٽرنگ لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران 27 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي 12 آڪٽوبر کان سمورن تڪن ۾ وينديون.

ذريعن موجب مانيٽرنگ ٽيمون پولنگ سامان پهچائڻ، ٽيڪنيڪي سکيا ۽ پولنگ واري ڏينهن سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺنديون. ذريعن ٻڌايو ته مانيٽرنگ ٽيمون رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جو جائزو به وٺنديون.

مانيٽرنگ ٽيمون چونڊ نتيجا تيار ڪرڻ ۽ ڳڻپ جي عمل جو جائزو وٺنديون ۽ نتيجا مڪمل ٿيڻ تائين اتي موجود رهنديون.