ٽنڊو محمد خان ۾ صحت کاتي پاران ارڙي کان بچاءَ لاءِ جاڳرتا ريلي

news

ٽنڊو محمد خان:خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: ٽنڊو محمد خان ۾ صحت کاتي طرفان 6 مهينن جي دوران ضلعي جي بلڙي شاهه ڪريم جي جنهاڻ سومرو، سعيد متو ۽ ٻين علائقن ۾ 9 معصوم ٻارڙن جي ارڙي جي بيماري ۾ فوتگي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ارڙي جي مرض جا 250 ڪيس پڻ ظاهر ڪيا ويا آهن.

ڊي ايڇ او ٽنڊو محمد خان ڊاڪٽر مقبول احمد ملاح، يونيسيف جي عملدار ڊاڪٽر سنڌو الماس خواجه، ڊسٽرڪٽ آفيسر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان پاشا ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي ڄاڻايو ته ارڙي جي مرض علائقي اندر معصوم ٻارن جي حياتين لاءِ خطرو بڻيل آهي. جنهن ۾ فوتگي جي واقعن کانپوءِ 250 ٻارڙن جون حياتيون هاڻي خطري کان ٻاهر آهن. جن جو اڃا به علاج جاري آهي. صحت کاتي طرفان 15 آڪٽوبر کان 27 آڪٽوبر تائين ارڙي جي بچاءَ لاءِ ضلعي اندر 2 لک 87 هزار ٻارڙن کي ارڙي جي بچاءَ لاءِ ويڪسين ڏني ويندي.

جنهن لاءِ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي 28 يونين ڪائونسلن، 2 ٽائون ڪميٽين ۽ 1 ميونسپل ڪاميٽي جي 29 وارڊن ۾ الڳ الڳ ٽيمون پڻ تشڪيل ڏنيون ويون آهن، جن جي ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ مانيٽرنگ ڪئي ويندي.

هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مقبول ملاح، يونيسف جي عملدار ڊاڪٽر سنڌو الماس خواجه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس کان پيادل ريلي ڪڍي جاڳرتا مهم لاءِ واڪ ڪيو ويو ۽ شهرين کي ارڙي جي بيماري جي بچاءَ آگاهي ڏني وئي.01