ٽنڊو محمد خان ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

news

ٽنڊو محمد خان:خميس 11 آڪٽوبر 2018ع: ٽنڊو محمد خان جي سچل ڪالوني ۾ 17 سالن جو نوجوان راجو ولد ليمون ملاح گهر جي ڇت تي بجلي جي تار کي هٽائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

پاڙيوارن جو چوڻ آهي ته نوجوان پنهنجي گهر جي ڇت تان ڪبوترن کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اوچتو بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.01