شهباز شريف جي گرفتاري خلاف ن ليگ جو پارليامينت هائوس ٻاهريان احتجاجي اجلاس، ست ٺهراءَ منظور

news

 اسلام آباد: خميس 11 آڪٽوبر  2018ع: پاڪستان مسلم ليگ ن سميت مخالف ڌر ۾ موجود ٻين پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج طور قومي اسيمبلي جي ٻاهران ” فرضي ايوان“ لڳايو، جنهن ۾ گڏيل طور تي 7 ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق ” احتجاجي ايوان“ جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف جي گرفتاري خلاف ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو ويو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر گڏ ٿيا جن حڪومت خلاف بينر کڻي رکيا هئا.  پارليامينٽ ٻاهران ” فرضي ايوان“ ۾ پيش ٺهرائن ۾ 54 ڏينهن ۾ 28 سئو ارب رپين جو نقصان پهچائڻ، حڪومت طرفان پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) کي تڪراري بڻائڻ، عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي شرطن مان قرض وٺڻ سميت ٻين جي مذمت ڪئي وئي.

ان حوالي سان پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته هي ايوان تاريخي اهميت تي ٻڌل آهي، سڀني کي خبر آهي ته ادارن فيصلو ڪيو ته صدر، وزير اعظم، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ سينيٽر ڪهڙا هوندا. هن الزام هنيو ته اسان جي صوبي ۾ ” پيءَ“ پارٽي بڻائي ڪجهه پارٽين کي ٽوڙڻ جو آغاز ٿيو ۽ نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف فيصلو ڏنو ويو. هن چيو ته هو ان عمل ۾ مصروف آهي ته ڊيڄاري ڌمڪائي فارورڊ بلاڪ بڻايو وڃي پر اڄ مقابلو جمهوري ۽ غير جمهوري قوتن جي وچ ۾ آهي. هن چيو ته غير جمهوري قوتن چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جا اختيار هٿن ۾ ورتا.

پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ نيب چيئرمين کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله نيب طرفان شهباز شريف خلاف ڪيس کي بي بنياد قرار ڏنو ۽ چيو ته شهباز شريف تي رقم ڦرڻ جو ڪو به الزام ناهي. هن اشارو ڏنو ته احتجاج جي ٻڌڻي نه ٿي ته احتجاج اڳتي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته بابر اعواڻ خلاف به انڪوائري هلي رهي آهي پر هن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.

سينيٽر مشاهد الله سيد جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي جنرل اليڪشن لاءِ ڪال ڪوٺڙي ۾ وڌو ويو. هن چيو ته هنن جا جيل ختل ٿي ويندا پر اسان جا ماڻهو ختم نه ٿيندا. ان موقعي تي مشاهد حسين جو چوڻ هو ته گذريل حڪومت پارليامينٽ تي حملي جي به لائيو ڪوريج جي اجازت ڏني پر تحريڪ انصاف جي حڪومت پارليامينٽ هائوس وڃڻ کان روڪيو، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا.