ڄامشورو کي چونڊيل نمائندن توڙي ڊي سي وساري ڇڏيو، گندو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل، هر طرف گندگي

news

 ڄامشورو: خميس 11 آڪٽوبر  2018ع: ڄامشورو شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، گٽرن جو گندو پاڻي گهٽين، روڊن رستن تي اچي ويو آهي، شھري گندگي سبب سخت عذاب ۾ ورتل آهن، جڏهن ته چونڊيل نمائندن توڙي ڊي سي ڄامشورو شھر جي مالڪي نه ڪئي آهي. ٽائون ڄامشورو جا 10 ئي وارڊ جن ۾ ڳوٺ عبد الله چاوڙو، سينڊوز روڊ، ڀرياوليج، غريب آباد ڪالوني، سيوهاڻي محلو، شاداب ننگر، ريلوي ڪالوني، حسين آباد ڪالوني، نور شاهه ڪالوني، مڪول مدرسه محلو، گرلس پرائمري اسڪول سميت مختلف علائقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، جيڪي گٽرن جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو جي ڪروڙين رپيا بجيٽ ھجڻ باوجود صفائي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، شھر تباھ ٿي ويو آهي.

ڄامشورو ٽائون چيئرمين فيصل خان پٺاڻ جي معطلي کانپوءِ چارج ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ کي ملڻ بعد شھر سڌرڻ بدران هر طرف گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، ڊي سي ڄامشورو به ڦوٽو سيشن ۽ ٺلها دورا ڪري واپس  هليو وڃي ٿو. سندس هدايتن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، ٽائون آفيسر جي بدلي بعد نئون آيل ٽائون آفيسر اشوڪ گل به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. نئين آيل ٽائون آفيسر ٽائون آفيس کي پنهنجو گهر بڻائي ڇڏيو آهي،  هو آفيس ۾ سمهي وقت گذارڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته مسئلن لاءِ ويندڙ شھرين سان ملڻ ۾ عيب سمجهڻ لڳو آهي ۽ آفيس جو ڪلرڪ فيض جتوئي سڄو ڪاروهنوار هلائڻ لڳو آهي، ڪم سانگي آيل غريب ماڻھو چڪرن ۾ پورا آهن.

ان سلسلي ۾ ڄامشورو شھري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين فقير حق نواز برهماڻي، حافظ جميل احمد لغاري، دربان عالماڻي، نبي بخش کوسو ۽ ٻين چيو آھي ته ٽائون ڄامشورو شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر گندگي جي ور چڙهيل آھي، گٽرن جو گندو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ بعد هاڻي ڊرينيج جو گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آھي پر ٽائون  انتظاميا اگهور ننڊ ستل آھي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ بعد گم ٿي ويا آھن، هنن شھرين کي وساري ڇڏيو آھي.

هنن چيو ته نئون آيل ٽائون آفيسر ٽائون جا مسئلا حل ڪرڻ  بدران  آفيس ۾ آرام ڪرڻ ۾ پورو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته ھنگامي بنيادن تي شھر جي صفائي ڪرائي گندگي ختم ڪري عوامي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾  احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.