عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ

news

 سنگاپور: سومر 15 آڪٽوبر  2018ع: ڪچي تيل جي قيمتن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي. جنهن سبب آمريڪا جي سفارتي سطح تي چين ۽ سعودي عرب سان وڌندڙ ڇڪتاڻ رهي.

سنگاپور مرڪنٽائل ۾ نيويارڪ جي عالمي مارڪيٽ ۾ طئي ٿيل ڪچي تيل جي ترسيل جي سودن تحت آمريڪي ڪروڊ ڊبليو ٽي آئي جي نومبر لاءِ سپلائي 78 سينٽ اضافي سان 72.07 ڊالر في بيرل ۽ بيرنٽ نارٿ سي ڪروڊ جي سپلائي 77 سينٽ اضافي سان 81.45 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. جمعي ڏينهن تي برنٽ ڪروڊ جي قيمت 79.23 ڊالر في بيرل تي بند ٿيا.