ميڊيا سان گڏجي ٽائيفائيڊ بابت آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي: ڊي سي حيدرآباد

news

حيدرآباد: اڱارو 16 آڪٽوبر 2018ع:ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ چيو آهي ته اسين صحت جي حوالي سان مختلف مسئلن ۾ گهريل آهيون ۽ ٽائيفائيڊ ايڪس ڊي آر جي موجودگي پڻ صحت کاتي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪس ڊي آر ٽائيفائيڊ جي حوالي سان شهباز هال  شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن وسيلن کي ڪتب آڻيندي ان وچڙندڙ بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪن.

ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر مبين ان موقعي تي  ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد کي تفصيلي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين تعلقي قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ ٽائيفائيڊ جا 14 ڪيس  رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ اسان حيدرآباد جي مختلف علائقن مان پيئڻ جي پاڻي جا نمونا حاصل ڪيا انهن ۾ ٽائيفائيڊ جي جراثيم جي تصديق ٿي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽائيفائيڊ، گندي پاڻي جي واپرائڻ سبب پکڙجندڙ هڪ بيماري آهي، ان ڪري پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ان بيماري کان  محفوظ رهي سگهجي.

هن چيو ته آغا خان اسپتال سان گڏجي ايميونائيزيشن ۽ ويڪسينيشن شروع ڪئي وئي آهي. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ماڻهن جي آگاهي لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏجي ٽائيفائيڊ بابت  آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي جنهن ته ڊي جي هيلٿ چيو ته ان حوالي سان تعليم کاتي ۽ مقامي اين جي اوز کان پڻ مدد حاصل ڪئي وڃي ته جيئن اسڪولي  ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۾ پڻ  آگاهي کي پڻ  يقيني بنائي سگهجي.

ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ڊبليو ايڇ او ۽ يو ايس ايڊ جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان جلدکان جلد هڪ جامع پلان جوڙيو وڃي ته جيئن  صحت کاتي جي سهڪار سان ان مسئلي کي هميشه لاءِ ختم  ڪيو وڃي.

ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته عوام جي صحت جي ذميواري نه فقط صحت کاتي تي آهي پر سمورن لاڳاپيل کاتن جي گڏيل سهڪار سان ئي هڪ صحتمند معاشرو جوڙي سگهجي ٿو. ان موقعي تي  ڊي جي هيلٿ، ايم ڊي واسا، ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد، ڊپٽي ڊائريڪٽر انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي، ڊي ايڇ او حيدرآباد، ڊبليو ايڇ او ۽ يو ايس ايڊ جا عملدار موجود هئا.01