ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ هر عورت کي پنهنجي ميموگرافي ڪرائڻ گهرجي: ڏوڪري ۾ سيمينار

news

ڏوڪري:اربع 17 آڪٽوبر 2018ع: هائير ايجوڪيشن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ  جي انتظام هيٺ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پنڪ ربن ( ڇاتيءَ جي ڪينسر جو ڏهاڙو ) ملهايو ويو. ياد رهي ته آڪٽوبر جي مهيني کي بين الاقوامي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي جو مهيني طور ملهايو پيو وڃي، جنهن جي شروعات آگاهي واڪ سان ڪئي وئي.

واڪ شاهنواز لائبريري کان ٿيندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهتي، جتي سيمينار پڻ ڪوٺايو ويو. واڪ جي اڳوڻي يونيورسٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر رفعيه بلوچ ۽ ايڊيشنل رجسٽرار ڊاڪٽر عطا محمد صديقي ڪري رهيا هئا. جڏهن ته  ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي جي سيمينار ۾ ڊين پروفيسر غلام مرتضيٰ پٺاڻ، يونيورسٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر رفعيه بلوچ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر ڪي داس، پرنسپال ڊينٽل ڪاليج ڊاڪٽرمحمد  الياس شيخ،ايڊيشنل رجسٽرار ڊاڪٽر عطا محمد صديقي، وائيس پرنسپال پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر احسان الله ملڪ، پروفيسر سعيد احمد شيخ، ڊاڪٽر سارا فاطمه، ڊاڪٽر شبير لاڙڪ، انجنيئر روشن علي شيخ، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس ڊاڪٽر عدنان وهاب قريشي  ميڊيا ڪوآرڊينٽر عبدالصمد ڀٽي ۽ وڏي انگ ۾ شاگردياڻين شرڪت ڪئي، جڏهن ڊاڪٽر سارا فاطمه ۽ پروفيسر ڊاڪٽر رفعيه بلوچ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان ليڪچر ڏنو، پروفيسر ڊاڪٽر رفعيه بلوچ ڳالهائيندي چيو ته راولپنڊي کانپوءِ لاڙڪاڻو اهو واحد شهر آهي، جتي اسين هفتي وار ٽيومبر بورڊ جو انعقاد ڪيو آهي، جن ۾ ترتيبوار، هڏين جي ڪينسر، گائني ڪينسر، يورو ڪينسر ۽ سرجري ڪينسر جا بورڊ پابنديءَ سان ٿين ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته ڪينسر جو مک سبب فاسٽ فوڊ، جنڪ فوڊ، سافٽ ڊرنڪ، نامناسب ۽ غير معياري خوراڪ ۽ نامناسب ورزش هجن ٿا ۽ اڄڪلهه عورتون پنهنجن ٻارن کي کير پيارڻ کان لنوائن ٿيون، اهو پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو وڏو سبب ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻاهرين دنيا ۾ نوڪري پيشا عورتون پنهنجي ٻارن لاءِ فرج ۾ کير ڪڍي رکي وڃن ٿيون، ماءُ پنهنجو کير هڪ سال تائين فريزر ۾ محفوظ ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته سرجن ڊاڪٽر ساره فاطمه چيو ته نئين رسرچ مطابق ڪينسر ڪو لاعلاج مرض نه آهي، پر علاج کان احتياط وڌيڪ بهتر هجي ٿو، هن چيو ته ڇاتي جو ڪينسر جو گهڻو خطرو  وڏي عمر جي غير شادي شده ۽ بي اولاد عورتن ۾ هجي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته ڇاتيءُ جو ڪينسر جتي 99 سيڪڙو عورتن ۾ ٿئي ٿو اتي هڪ سيڪڙو مرد به ان جو شڪار هجن ٿا، اڪثر ٻهراڙي جون عورتون ڊاڪٽرن تائين تڏهن پهچن ٿيون، جڏهن اهي آخري اسٽيج تي پهچي چڪيون هونديون آهن، ٻهراڙي ۾ گهٽ آگاهي جي ڪري اڪثر ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتن کي طلاق جا واقعا پڻ ٿين ٿا، ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ هر عورت کي 35 سالن کانپوءِ پنهنجي ميمو گرافي ڪرائڻ کپي ۽ پنهجي ليڊي ڊاڪٽر سان ملي پنهنجي ڇاتين جي پاڻ چڪاس جا طريقا سکڻ کپن، سيمينار ۾ ڊين پروفيسر غلام مرتضيٰ پٺاڻ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر ڪي داس پڻ خطاب ڪيو، سيمينار ۾ شريڪ شاگردياڻين گلابي روا پائي سيمينار ۾ شرڪت ڪئي.01