تاحيات پابندي مڙهيل قومي ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا طرفان ڇهن سالن بعد غلطي جو اعتراف

news

لنڊن: خميس 18 آڪٽوبر 2018ع: فڪسنگ ڪيس ۾ تاحيات پابندي جو شڪار ٿيل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوني ليگ اسپنر دانش ڪنيريا 6 سالن بعد پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي دانش ڪنيريا چيو ته اڄ اعتراف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته توهان ڪوڙ سان گڏ زندگي نه ٿا گذاري سگهو. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان لڳايل  فڪسنگ جي ٻنهي چارجز ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيا ٿو.

اڳوڻي ليگ اسپنر معافي گهرندي چيو ته پنهنجي سمورن مداحن، پاڪستانين ۽ ايسيڪس ڪائونٽي جي ساٿين کان معزرت خواهه آهيان، مان پنهنجي غلطي شرمنده آهيان ۽ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي سخت پڇتاءُ آهي، والد جي بيماري سبب مون ۾ اعتراف جو حوصلو نه هيو،  مان سڀ ڪجهه وڃايو، پنهنجي والد کان به معزرت خواهه آهيان.

واضح رهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ 2012ع ۾ دانش ڪنيريا کي ڪرڪيٽر ويسٽ فليڊ کي فڪسنگ لاءِ ورغلائڻ جي ڏوهه ۾ تاحيات پابندي لاڳو ڪئي هئي.