افغانستان ۾ فائرنگ، قنڌار جو گورنر، صوبائي پوليس چيف ۽ ڳجهي ايجنسي جو اڳواڻ قتل

news

 ڪابل: خميس 18 آڪٽوبر  2018ع: افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اعليٰ سطحي اجلاس دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گورنر، صوبائي پوليس چيف ۽ ڳجهي ايجنسي جو مقامي اڳواڻ قتل ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق قنڌار جي گورنر ڪمپائونڊ ۾ ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ قنڌار جو گورنر گل آغا شيرزئي،  صوبائي پوليس چيف جنرل عبدالرزاق ۽ ڳجهي ايجنسي جو مقامي اڳواڻ مارجي ويا ۽ ٻه آمريڪي عملدار زخمي ٿي پيا. ٻڌايو پيو وڃي ته حملو ان وقت ٿيو جڏهن افغان ۽ آمريڪي اختياريون گورنر هائوس مان هيلي پيڊ ڏانهن وڃي رهيون هيون.

ذريعن موجب حملو صوبائي گورنر جي هڪ باڊي گارڊ طرفان ڪيو ويو پر ان حوالي سان افغان اختيارين ڪنهن قسم جي تصديق ناهي ڪئي. افغان سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ حملي آور به مارجي ويو. نيٽو ترجمان به حملي جي تصديق ڪندي چيو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ آمريڪي جنرل اسڪاٽ ملر محفوظ رهيو.

ترجمان موجب قنڌار ڪمپائونڊ ۾ ٿيل حملي جي نتيجي ۾ هڪ آمريڪي اهلڪار ۽ هڪ آمريڪي شهري زخمي به ٿيا. ٻئي پاسي طالبان قنڌار جي گورنر ڪمپائونڊ ۾ حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.