پاڪ فوج هر قسم جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: صدر عارف علوي

news

 اسلام آباد: خميس 18 آڪٽوبر  2018ع: صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ ان لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪ فضائيه بهادري جي شاندار مثالن سان تاريخ لکي آهي ۽ اها جنگ هجي يا امن ڪنهن به مشڪل جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر رهي آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ايئر فورس اڪيڊمي اصغر خان رسالپور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چئي، جنهن ۾ 140 جنرل ڊيوٽي پائلٽ، 86 انجنيئرنگ، 96 ايئر ڊفينس، 21 ايڊمنسٽريشن اينڊ اسپيشل ڊيوٽيز ۽ 5 لاجسٽڪ ڪورسز جي گريجوئيشن ٿي.

پي اي ايف پاران جاري پريس رليز موجب صدر تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان پاس آئوٽ ٿيڻ وارن ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي فضائي حدن جي قابل فخر محافظ هئڻ جي حيثيت سان پيشيوراڻي صلاحيتن کي استعمال ڪندي هنن کي اڻٿڪ جذبن سان پاڪستان ايئرفورس کي پاڪستان باني جي تصور جي موجب هڪ بهترين فضائيه ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ مستقل مزاجي ۽ اڻٿڪ محنت سان ئي هو پاڪستاني قوم جي اعتماد ۾ پورو لهي سگهندا. صدر چيو ته اسان گڏيل عزت ۽ احترام جي بنياد تي قومن سان سٺا لاڳاپا هموار ڪرڻ جا خواهشمند آهيون اسان اها قوم آهيون جنهن امن خاطر جان ۽ مال جون عظيم قربانيون ڏنيون، اسان دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پرخلوص آهيون ۽ ڪڏهن ڪنهن ملڪ کي اسان جي ان جذبي جي غلط ترجماني جي اجازت نه ڏينداسين.

ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ هر وقت تيار آهي، ته چيو ته هٿياربند فوج جو روشن ماضي ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿو ته ان بهادر سپوتن پنهنجي مادر وطن جي حفاظت لاءِ جان جي بازي لڳائڻ کان به پاسو نه ڪيو. هن چيو ته پاڪ فضائيه بهادري جي شاندار مثالن سان تاريخ رقم ڪئي آهي ۽ اها جنگ هجي يا امن ڪنهن به مشڪل جي سامهون شيهي جي ديوار وانگي رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرين مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ اسان کي پورو يقين آهي ته گڏيل قومي لائحه عمل سان اسان ان مشڪلاتن تي ضابطو آڻي وٺنداسين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جو ڪردار اهم رهيو آهي جنهن جي ڪري علائقائي ۽ عالمي امن جا موقعا پيدا ٿيا آهن، هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج بهادر قوم جي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽڻ ۽ ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪ فضائيه ملڪي دفاع جو هڪ اهم حصو هوندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان تباهه ڪري انهن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، جنهن سان اسان جا دشمن انتهائي ڪمزور ٿي ويا آهن.

تقريب ۾ ڪل 107 ايوي ايشن ڪيڊٽس گريجوئيٽس ٿيا، صدر گريجوئيٽ ٿيڻ وارن ڪيڊٽس کي برانچ جو نشان ۽ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ انعام ورهايا، هن نمبر چار اسڪارڊن کي اڪيڊمي جي چيمپيئن اسڪوارڊن هئڻ تي قائداعظم بينرز سان نوازيو، ڪاليج آف فلائينگ ٽريننگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي چيف آف دي ايئر اسٽاف ٽرافي ايوي ايشن ڪيڊٽ فرحان خالد اعواڻ حاصل ڪئي، جڏهن ته ايوي ايشن ڪيڊٽ ونگ انڊر آفيسر طلحه حسيب ڪاليج آف فلائينگ ٽريننگ ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي جي اعزازي شمشير حاصل ڪئي.

جنرل سروس ٽريننگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ٽرافي ايوي ايشن ڪيڊٽس اڪيڊمي انڊر آفيسر شهريار احمد ملڪ حاصل ڪئي، ڪاليج آف ايئرونارٽيڪل انجنيئرنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي چيف آف دي ايئر اسٽاف ٽرافي ۽ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي جي اعزازي شمشير ايوي ايشن ڪيڊٽ ونگ انڊر آفيسر عبدالرحمان حاصل ڪئي، 96 ايئر ڊفينس ڪورس ۽ 21 ايڊمنسٽريشن اينڊ اسپيشل ڊيوٽي ڪورسز ۾ ترتيب وار ايوي ايشن ڪيڊٽ بابر عبدالله ۽ ايوي ايشن ڪيڊٽ صهيب احسن بهترين ڪارڪردگي جي ٽرافي حاصل ڪئي، جڏهن ته پنجين لاجسٽڪ ڪورس ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي جي ٽرافي ايوي ايشن ڪيڊٽ ذيشان اشرف حاصل ڪئي.

پريڊ جي پڄاڻي تي پي اي ايف اڪيڊمي جي ”شير دل فارميشن“ ۽ ”بريو هارٽس“ دل کي وڻندڙ مظاهرو پيش ڪيو ان تقريب ۾ سفارتڪارن، اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن، غير ملڪي عهديدارن ۽ گريجوئيٽس ٿيڻ وارن ڪيڊٽس جي والدين ۽ مهمانن شرڪت ڪئي ان کان اڳ خاص مهمان جي اڪيڊمي اچڻ تي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان سندس آجيان ڪئي.