شهيد ڪارڪنن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي: فريال ٽالپر

news

 ڪراچي: خميس 18 آڪٽوبر  2018ع: پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو آهي ته شهيد هميشه زندهه هوندا آهن، شهيد ڪارڪنن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.

اهڙو اظهار هن ڪارساز سانحي جي شهيدن جي يادگار جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا. فريال ٽالپر شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ شهيدن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا ڪئي.