ننڍي چونڊ: اليڪشن ڪميشن ست اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

news

 اسلام آباد: خميس 18 آڪٽوبر  2018ع: اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊن ۾ ڪامياب 7 اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سوڌو چئن اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن طرفان تڪ اين اي 35  زاهد اڪرم دراني، اين اي 56 تان ملڪ سهيل خان، اين اي 63 تان چوڌري سالڪ حسين، اين اي 69 تان چوڌري مونس الاهي، اين اي 60 تان شيخ راشد شفيق، اين اي 131 تان خواجه سعد رفيق ۽ اين اي 237 تان عالمگير خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

اين اي 53 اسلام آباد تان علينواز اعواڻ، اين اي 63 ٽيڪسلا منصور حيات خان، اين اي 103 فيصل آباد علي گوهر ۽ اين اي 124  تان شاهد خان عباسيءَ جا چونڊ خرچ جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تان نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.