سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي اهليت خلاف حنيف عباسي جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي

news

 اسلام آباد: خميس 18 آڪٽوبر  2018ع: سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران خان جي اهليت خلاف داخل مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنيف عباسي جي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار وزيراعظم عمران خان جي اهليت واري عدالتي فيصلي خلاف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وڪيل اڪرم شيخ چيو آهي ته عدالت حقيقتن کي نظرانداز ڪيو پر درخواست ۾ ڪو اهڙو قانوني نقطو نه اٿاريو ويو جنهن تي نظرثاني ڪئي وئي.