سنڌ يونيورسٽي ۾ چوٿون انٽرنيشنل چلڊرينس فلم فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو

news

 ڄامشورو: خميس 18 آڪٽوبر  2018ع: سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ڪوٺايل ٻن ڏينهن وارو چوٿون انٽرنيشنل چلڊرينس فلم فيسٽيول ڄامشورو پڄاڻي تي پهتو. ٻن ڏينهن دؤران دنيا جي 29 ملڪن جون 72 فلمون ڏيکاريون ويون جن ۾ پاڪستان، جرمني، فرانس، آمريڪا، برطانيا، ناروي، هالينڊ، ايران ۽ عراق سميت مختلف ملڪ شامل آهن.

آخري ڏينهن دنيا جي مختلف ملڪن جي 40 فلمن سميت  ڪميونيڪيشن ڊيزائين ۽ نيوٽيڪ ۾ تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن جون ٺاهيل 8 فلمون پڻ ڏيکاريون ويون.  منعقد ڪيل چئن شوز ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي مختلف اسڪولن جي 1200 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي انسٽيٽيوٽ جي ڪميونيڪيشن ڊيزائين شعبي طرفان دي لٽل آرٽ لاهور جي سهڪار سان ڪوٺايل فيسٽيول جي آخري ڏينهن تقريب ٿي گذري جنهن جو مهمان خاص سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جو فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي هو، جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ نامور اديب ڊاڪٽر قاضي خادم حسين ۽ روٽري ڪلب حيدرآباد جو سريش ڪمار شامل هئا.

تقريب جي شروعات ۾ فيسٽيول جي ڪوآرڊينيٽر سعيد احمد منگي پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ تقريب ۾ شريڪ سمورن مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ فيسٽيول جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته چئن سالن کان مسلسل انٽرنيشنل چلڊرينس فلم فيسٽيول ڄامشورو منعقد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هن فيسٽيول جو مقصد شاگردن کي تفريح جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏ کين فلمن جي تياري جي  حوالي سان فني سکيا ڏيڻ ۽ سندن حوصلا افزائي ڪرڻ پڻ آهي. هن چيو ته مون کي اِهو ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته هن فيسٽيول ۾ ڪميونيڪيشن ڊزائن شعبي جي شاگردن توڙي نيوٽيڪ ۾ تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن جون ٺاهيل فلمون پڻ شامل ڪيون ويون آهن، ايندڙ سال پنجين انٽرنيشنل چلڊرينس فلم فيسٽيول ۾ شعبي طرفان ٺاهيل وڌيڪ نيون فلمون ڏيکاريون وينديون. ان موقعي تي هن انسٽيٽيوٽ جي آرگنائزنگ ڪاميٽي جي ميمبرن توڙي سمورن سهڪار ڪندڙن جو ٿورو مڃيو.

تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي چيو ته هن قسم جي پروگرامن ذريعي نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ٿئي ٿو. هن چيو ته آرٽ اظهار جو ڀرپور ذريعو آهي. هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن جون پيش ڪيل فلمون يقينن شاگردن ۾ اتساهه پيدا ڪنديون ۽ کين سکيا پڻ حاصل ٿيندي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي لٽل آرٽ لاهور جي عمر اعجاز خان چيو ته هن فيسٽيول جو بنيادي مقصد ٻارن کي دلچسپيءَ جو ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏ سکيا ڏيڻ به آهي. هن چيو ته چوٿين انٽرنيشنل چلڊرينس فلم فيسٽيول جي ڪاميابي اسان سڀني جي گڏيل ڪاميابي آهي ۽ هي سلسلو اڳتي به ائين ئي جاري رهندو. هن سهڪار ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ٽيم خصوصي طور تي سعيد احمد منگي جا ٿورا مڃيا.

تقريب کي ڊاڪٽر قاضي خادم حسين ۽ سريش ڪمار پڻ خطاب ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ فيسٽيول جي آرگنائزنگ ڪاميٽي جي ميمبرن توڙي سهڪاري اسٽاف کي يادگار سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.