سنڌ جي معدني وسيلن لاءِ جٽادار رٿابندي ڪئي ويندي: مير شبير بجاراڻي

news

 ڄامشورو:  خميس 18 آڪٽوبر  2018ع: ملڪ جي معدني وسيلن جو سائنسي انداز ۾ استعمال نه ٿيڻ، معدنيات جي کوٽائي لاءِ جديد مشينري ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال نه ڪرڻ، معدني وسيلن جي کوٽائي ۽ استعمال وقت ماحول جو خيال نه ڪرڻ، معدني وسيلن جي ايڪسپورٽ نه ٿيڻ، معدني وسيلن تي مقامي بااثرن جي قبضن سميت ٻين مسئلن جا حل ڪڍڻ کانسواءِ ملڪ ۾ معدني وسيلن سان لاڳاپيل ترقي ناممڪن آهي. معدنياتي، ماحولياتي، معاشي ۽ صنعتي ماهرن پاران اهڙن خيالن جو اظهار مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، مانچسٽر يونيورسٽي، برطانيا ۽ پي سي ايس آءِ آر ليبارٽريز پاران ”معدني وسيلن جي استعمال لاءِ جٽادار ماحول ۽ معاشي ترقي“ جي عنوان سان ڪرايل هڪ ڏينهن واري سيمينار ۾ ڪيو ويو.

سيمينار جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي معدني وسيلن ۽ معدنياتي ترقي واري کاتي جي وزير مير شبير علي بجاراڻي چيو ته، سنڌ ۾ ڪل 56 معدنياتي وسيلن وارا زون آهن جتي معدنيات موجود آهي. هن چيو ته جديد مشينري ۽ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هجڻ ڪري سنڌ ۾ معدني وسيلن مان اهو لاڀ حاصل نه پيو ڪري سگهجي، جيڪو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ معدني وسيلن سان مالامال آهي، جلد کاتي ۾ سڌارا آڻي، سنڌ جي معدني وسيلن لاءِ جٽادار رٿابندي ڪئي ويندي. هن چيو ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن کي اختيار مليا آهن، آهستي آهستي کاتن ۾ سڌارا ايندا.

ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي معدني وسيلن ۽ معدنياتي ترقي واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري شمس الدين سومرو چيو ته، معدني وسيلن جي حوالي سان ٿيل قانونسازي بابت ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، ريتي بجري کان وٺي ناياب پٿرن ۽ ٻين وسيلن جي وڪري ۽ کوٽائي بابت قانونسازي ٿيل آهي، جنهن تي عمل ڪرايو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي تقريبن ضلعن ۾ معدني وسيلا موجود آهن، جن جي بهتر استعمال سان سنڌ وڌيڪ ترقي ڪري سگهي ٿي.

ان موقعي تي ڪراچي يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر جميل احمد ڪاظمي چيو ته معدني وسيلن جي کوٽائي، نوان شهر ۽ علائقا آباد ڪرڻ وقت آس پاس جي ماحول ۽ اصلوڪن رهواسين کي متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اسان وٽ ترقي جي نالي تي ماحول ۽ اصلوڪن رهواسين کي متاثر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي ترقي ۽ خوشحالي نه اچڻ گهرجي جيڪا اڄ لاءِ ترقي ۽ سڀاڻي لاءِ تباهي هجي. 

مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيميڪل شعبي جي ڊاڪٽر سهيل احمد سومرو ننگرپارڪر جي چيني مٽي تي پنهنجو مقالو پڙهندي چيو ته، دنيا ۾ اهڙن وسيلن جي وڏي قيمت آهي پر اسان وٽ جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي استعمال نه ٿيڻ ۽ مٽي کي سائنسي طريقن سان نه ڪڍڻ ۽ ڇاڻڻ ڪري اها عام مٽي جي اگهه ۾ پئي وڪرو ٿئي. هن چيو ته ننگرپارڪر جي هن مٽي جي جيڪڏهن مالڪي ٿئي ۽ ان کي سائنسي انداز سان ڪڍيو ۽ وڪرو ڪيو وڃي ته ان جي وڏي قيمت ٿي سگهي ٿي.

ان موقعي تي سيمينار کي انجنيئر رضيه بيگم، ڊاڪٽر شاهين عزيز، ڊاڪٽر بلال احمد، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ جي فيصل اقبال صديقي  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.