ابوظهبي ٽيسٽ سيريز جو هيرو محمد عباس ڏيهه پهچي ويو، ايئرپورٽ تي شاندار استقبال

news

سيالڪوٽ: ڇنڇر 20 آڪٽوبر 2018ع: پاڪس آسٽريليا ٽيسٽ سيريز دوران ابو ظهبي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز جي بيٽنگ لائن تباهه ڪندڙ محمد عباس ڏيهه پهچي ويو آهي، سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.

سندس استقبال لاءِ گهرڀاتين سميت علائقي واسي به ايئرپورٽ تي موجود هئا، جتي مٿس گلن جي ورکا ڪئي ۽ دهل پڻ وڄايو ويو. ان موقعي تي محمد عباس جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ  ۽ پنهنجي محنت تي يقين آهي، ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ به سٺي ڪاڪردگي ڏيکاري ۽ ان ۾ آرام جو موقعو ناهي ملندو، ڪائونٽي ڪرڪيٽ کي جاري رکيو، جنهن جو نتيجو توهان جي سامهون آهي.

محمد عباس چيو ته پنهنجي علائقي جو پهريون ڪرڪيٽر آهيان، مون بعد ٻين نوجوانن ۾ به شوق پيدا ٿيو آهي ۽ مان انهن جي خدمت لاءِ هر وقت حاضر آهيان.