نهال هاشمي جي تڪرار بيان تي پيمرا جو نوٽيس

news

اسلام آباد: ڇنڇر 20 آڪٽوبر 2018ع: پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي طرفان پاڪ فوج بابت تڪرار بيان نشر ڪرڻ واري نيوز چينلن قائدن جي خلاف ورزي ڪرڻ ي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پيمرا طرفان جاري ڪيل بيان مطابق شوڪاز نوٽيس ۾ نهال هاشمي جي رياستي ادارن خلاف تڪراري ۽ قابل اعتراض بيان نشر ڪندڙ نيوز چينلز کي چيو ويو آهي ته اهڙي ماڻهو کي ڪوريج ڇو ڏني وئي جيڪو ماضي ۾ تڪراري بيان ڏيندو رهيو آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي چينلز خلاف ڪارروائي ڪري ڪئي وڃِي، جنهن جو نتيجو ڏنڊ يا وري چينلز جي معطلي به ٿي سگهي ٿو.