سوات ۾ يارنهن سالن کان هلندڙ آپريشن ۽ ايمرجنسي ختم، اتظام سول اختيارين حوالي

news

سوات: سومر 22 آڪٽوبر 2018ع: سيڪيورٽي فوسز  يارنهن سال بعد سوات ۾ آپريشن ۽ ايمرجنسي ختم ڪري سموري اختيار ۽ نظام سول اختيارين حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

سوات ۾ سيدوشريف ايئرپورٽ تي پاڪ فوج طرفان اختيار  سول  اختيارين کي حوالي ڪرڻ لاءِ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ وزيراعليٰ ڪي پي محمود خان، ڪور ڪمانڊر پشاور به شرڪت ڪئي،  ڪمشنر مالاڪنڊ ۽ ڊي آءِ جي سعيد خان وزير به ان موقعي تي موجود هئا.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ ڪي پي چيو ته جنت جهڙي وادي تي قبضو ڪيو هو، دهشتگردي جو عروج هيو، پر عوام بهادري جو مظاهرو ڪيو، پاڪ فوج ۽ عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.

ڪور ڪمانڊر پشاور نذير بٽ چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن جو صفايو ڪيو، امن عوام ۽ فورسز جي قربانين جو نتيجو آهي، عوام وڏي بهادري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته اڄ سوات مخلتف آهي، امن واپس اچي ويو آهي،  واپار ۽ ترقي جو آغاز ٿي چڪو آهي، اڄ سوات جون بنيادي ذميواري انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيون آهن، 80 سيڪڙو چيڪ پوسٽن کي ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سيڪيورٽي جون ذميواريون به انتظاميا حوالي ڪنداسين، سوات ۾ حقيقي بنيادن تي ڪامياب آپريشن ڪيو ويو.