وفاقي وزيرن جي ڪرپشن جا انڪشاف، عمران خان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news

سلام آباد: سومر 22 آڪٽوبر 2018ع: وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي پهرين 100 ڏينهن ۾ وفاقي حڪومت ۾ شامل 3 وزيرن تي ڪرپشن جا الزام لڳا آهن، جنهن تي تي وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، الزام ثابت ٿيڻ تي وزيرن کي برطرف ڪيو ويندو.

ذريعن مطابق وزيراعظم عمران پنهنجي وزيرن جي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف خميس ڏينهن ڪابينه جي اجلاس ۾ دوران سمورن سرڪاري آفيسرن کي ڪابينا اجلاس واري ڪمري مان ڪڍڻ بعد وزيرن کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مملڪتي وزير، خاص مددگار ۽ صلاحڪار به موجود هئا.

وزيراعظم عمران خطاب ڪندي چيو ته وزيرن جي ڪرپشن بابت ابتدائي رپورٽ ملي وئي آهي، ڪرپشن بابت جاچ جو حڪم ڏنو آهي، الزام ثابت ٿيڻ تي وزيرن کي برطرف ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪرپشن خلاف منهنجي 22 سالن جي جدوجهد آهي، مان ان بابت ڪو به سودو سودو نه ڪندس.

وزيراعظم جي اهڙي خطاب دوران اجلاس ۾ سناٽو ڦهلجي ويو ۽ وزيرن کي خشڪيون لڳي ويون.