شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ سڀاڻي کان شروع، انتظام مڪمل

news

مٽياري: اڱارو 23 آڪٽوبر 2018ع:شاعرن جي سرتاج ۽ عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 275 هين عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ انتظام مڪمل، عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن جي تقريبن جو باقاعدي افتتاح اربع جي ڏينهن مزار تي چادر چاڙهڻ سان ڪيو ويندو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عرس مبارڪ جي سيڪيورٽي، ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪيل اپائن، شاهه سائين جي عقيدتمندن کي طبي سهولتون، پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي سميت ٻين انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي.

گڏجاڻي ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ، رينجرز برگيڊيئر خورشيد، ڪرنل محمد حسن، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ، ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد حسين شاهه، اي ڊي سي ٽو عبدالمجيد زهراني، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبيدالله صديقي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثقافت شير محمد مهر، ثقافت، اوقاف، روينيو، ٽائون انتظاميا توڙي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

ٻئي طرف ڀٽ جي نگري ۽ درگاهه کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي، پنهنجي روحاني رهبر جي حاضري لاءِ عقيدتمندن پاران جيئي لطيف جي گونج ۾ آمد جو سلسلو جاري، ضلعي انتظاميا ۽ مٽياري پوليس پاران سيڪيورٽي لاءِ انتهائي غير معمولي اپاءُ ورتا ويا آهن. لطيف جي پانڌيئڙن لاءِ مفت طبي ڪيمپن، پاڻيءَ جي سبيلن ۽ لنگر جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي. عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن لاءِ پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرز اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي هاءِ الرٽ ڪري سادن ڪپڙن ۾ پڻ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، درگاهه سميت مختلف هنڌن تي ڪلوز سرڪٽ ڪئميرا نصب ڪيا ويا آهن، مختلف جڳهين تي واڪ ٿرو گيٽ پڻ لڳايا ويا آهن.

ادبي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي پاران چئن ڪتابن جي مهورت ڪئي ويندي، نمائش گرائونڊ ۾ زرعي ڳوٺ، شاهه جو باغ ۾ قائم ثقافتي ڳوٺ ۾ سنڌ جي 35 مختلف هٿ جي هنرن جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جڏهن ته تاريخي ڪرار ڍنڍ کي پاڻيءَ سان ڀري ان ۾ پانديئڙن کي سير و تفريح ڪرايو ويندو. ايڇ ٽي سورلي هال ۾ سگهڙن جي ڪچهري، شاهه عبداللطيف آڊيٽوريم ۾ پهرئين ڏينهن رات جو اسٽيج ناٽڪ “سهڻي ميهار” پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن ملاکڙو ۽ رات جو لطيفي راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي.

جڏهن ته ميلي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد حسين شاهه مطابق عرس مبارڪ دوران پوليس پاران سيڪيورٽي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي مرتب ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڀٽ شاهه کي پنج رونز ۾ تقسيم ڪري هر زون ۾ ايس پي رينڪ جي سربراهي ۾ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ ٽي هزار پوليس اهلڪارن کان علاوه رينجرز اهلڪارن سان گڏوگڏ سادن ڪپڙن ۾ اسپيشل برانچ توڙي ڳجهي ادارن جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. درگاهه توڙي عوامي ميڙن ۾ داخلا کان اڳ جسماني تلاشي وٺڻ لاءِ مرد اهلڪارن سان گڏ ليڊي اهلڪار پڻ مقرر ڪيون ويون آهن، درگاهه ۾ داخلا لاءِ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن. ايس ايس پي مٽياري ٻڌايو ته ڀٽ شاهه جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ لاءِ پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ کانسواءِ نيشنل هاءِ وي تي موبائل پوليس گشت پڻ جاري رهندو. جڏهن ته سگهڙن جي ڪچهري پڻ ٿيندي.

هر سال جيان عرس مبارڪ جي پهرئين ڏينهن تي منجهند ٻارنهن وڳي ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ سگهڙن جي ڪچهري ثقافت کاتي جي ميزباني ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان  200 کان وڌيڪ سگهڙ ڏور، بيت، وايون، ڳجهارتون ۽ ڏات جون ٻيون صنفون پيش ڪندا. جڏهن ته سالياني لطيف ادبي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي ويندي. عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن ايڇ ٽي سورلي هال ۾ سالياني ادبي ڪانفرنس ٿيندي، جنهن جي صدارت ناميارو دانشور ڊاڪٽر مبارڪ علي ڪندو. جڏهن ته ٻين اديبن ۽ دانشورن ۾ لاهور وومين يونيورسٽي جي پروفيسر انجم طاهره، يوسف شاهين، جامي چانڊيو، الطاف ميمڻ، نواز علي ڪنڀر، شوڪت علي اڄڻ، عبدالله ملاح، شازيه پتافي، تاج جويو سميت ٻيا محقق شاهه سائين جي شاعري، زندگي، فن توڙي فڪر تي مقالا پيش ڪندا. جڏهن ته ثقافت کاتي پاران شاهه جي گنج سميت چئن ڪتابن جي مهورت ٿيندي.

لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي پاران تازو ڇپايل شاهه جو گنج، موسيقيءَ جي موضوع تي پير بخش مير محمد مغل جو ڪتاب “راڳ ساگر”، گذريل سال ادبي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مقالن تي مشتمل ڪتاب ۽ شاهه جو گربخشاڻيءَ وارو رسالو “ڀيرومل جي نظر ۾” جي مهورت ڪئي ويندي. جڏهن ته چوپائي مال جي نمائش ۽ کير جو مقابلو پڻ ٿيندو. ميلي جي موقعي تي لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل هسبينڊري کاتي پاران چوپائي مال جي نمائش (ڪيٽل شو)  ٿيندي جنهن ۾ ڀاڳيا نج ۽ ڀلين نسلن جا جانور جنهن ۾ مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون آڻيندا. پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر کڻيندڙ جانورن جي مالڪن کي انعام ۽ شيلڊون ڏنيون وينديون. لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ طرفان هر سال وانگر هن سال به ميلي ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽال پڻ لڳايو ويندو جيڪو مسلسل ميلي جا ٽئي ڏينهن لڳل رهندو.

ان سلسلي ۾ ضلعي صحت کاتي، پي پي ايڇ آئي ۽ اوقاف کاتي جون طبي ڪيمپون. ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ دوران عقيدتمندن لاءِ ضلعي صحت کاتي، پي پي ايڇ آئي ۽ اوقاف کاتي پاران مفت طبي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ايمبولنسن جو پڻ وڏو انگ ڀٽ شاهه ۾ موجود هوندو. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وقار احمد انصاري موجب ڀٽ شاهه ۾ مفت طبي ڪيمپون لڳائڻ کان سواءِ نيشنل هاءِ وي تي ڀٽ شاهه، هالا، کيبر، مٽياري، نيوسعيدآباد جي هنڌن تي موبائل ايمبولنسون بيٺل آهن، ميلي دوران سائي جي مرض جي مفت ٽيسٽ، ڀٽ شاهه ۾ مليريا اسپري ۽ ماڻهن ۾ صحت بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ هيلٿ اويئرنيس پروگرام پڻ جاري رهندو.

ٻئي طرف درگاهه جي خوبصورتي لاءِ اپاءُ ورتا ويا آهن، جنهن ۾ اوقاف کاتي پاران 275 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار تي رنگ روغن ڪرائي مزار کي سينگاريو ويو آهي. جڏهن ته نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين روڊ جي مرمت، خوبصورتي ۽ روشنيءَ جي بندوبست لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ان کان سواءِ ڀٽ جي نگري کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن ملاکڙا گرائونڊ ۾ سنڌ جا ناليوارا ملهه پهلوان پنهنجي طاقت ۽ زور آزمائي جو ڀرپور مظاهرو ڪندا.

هوڏانهن لطيفي راڳ رهاڻ جي محفل عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن لطيفي راڳ رهاڻ جي محفل شام ستين وڳي کان رات چار وڳي تائين جاري رهندي، جنهن ۾ سنڌ جا نامياره فنڪار شمن علي ميرالي، امبر مهڪ، استاد فتح، مارول گروپ، احمد مغل، صوفي فقير، رفيق فقير، ڪريم فقير، ماسٽر ولي، ضامن علي، شهنيلا علي، طفيل سنجراڻي، ثمينه ڪنول، مهتاب ڪنول، زين علي، سجاد يوسف، فهيم علڻ فقير، مائي دائي، سيف سميجو، حنيف لاشاري، اعجاز خاصخيلي سميت ٻيا فنڪار سر وکيريندا.01