چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل نه روڪڻ تي پوليس اهلڪارن جي فائرنگ، ٻه ڄڻا مارجي ويا

news

صوابي: اڱارو 23 آڪٽوبر 2018ع: پوليس چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل نه روڪڻ تي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا.

صوابي جي چوڪي شير آباد ناڪي تي موٽرسائيڪل نه روڪڻ تي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ مهراڻ ۽ جنيد مارجي ويا، پوليس واقعي کانپوءِ فائرنگ ڪندڙ چئن اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.

مقتول مهرا جو لاش ايمبولينس وسيلي بيڪي پهچايو ويو آهي جتي وارثن لاش کي روڊ تي رکي احتجاج ڪيو. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس مهراڻ ۽ جنيد جو ناروا قتل ڪيو آهي، وارثن چيف جسٽس ۽ حڪومت کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.