ماضي جي مقبول ڳائڻي گل بهار بانو کي ڀاءُ طرفان قيد ڪرڻ جا انڪشاف

news

بهاولپور: اربع 24 آڪٽوبر 2018ع: پنجاب پوليس بهاولپور جي علائقي سمه سٽه جي هڪ گهر ۾ ڪارروائي ڪندي ماضي جي معروف ۽ ايوارڊ يافته ڳائڻي گل بهار بانو کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

پوليس کي اطلاع مليو ته ڳائڻي تي سندس ويڳي ڀاءُ گهرڀاتين طرفان تشدد ڪيو پيو وڃي، جنهن بعد پوليس ان جي گهر تي ڇاپو  هڻي ڳائڻي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، ذريعن مطابق پوليس کي تفصيلن مان خبر پئي آهي ته ڳائڻي جو ويڳو ڀاءُ اعجاز  ان جي ڪراچي ۽ بهاولپور ۾ موجود ملڪيت ۽ بينڪ بيلينس تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو،  گل بهار بانو خوفزده هجڻ سبب پوليس کي ڪو به بيان نه ڏئي سگهي آهي.

ڊي ايس پي عبدالرحيم لغاري ٻڌايو ته ڳائڻي اڃا ان حالت ۾ ناهي جو هو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهي، پر پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، هوڏانهن ڊي پي او عمر سليم ٻڌايو ته اهڙيون خبرون به هيون ته گل بهار بانو جو ذهني علاج ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ ٿي رهيو هو، فوري طور تي ان حوالي سان ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي ته کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

جڏهن ته ڳائڻي جي ڀاءُ انهن الزامن کي رد ڪندي چيو ته آهي ته کيس ڀيڻ جي ملڪيت ۾ ڪا به لالچ ناهي، هوءِ دماغي مرض ۾ مبتلا آهي، ان جو علاج هلي رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن پهريان ئي کيس اسپتال کان گهر آندو آهي، اها ئي وجهه آهي ته کيس هڪ ڪمري ۾ بند ڪري رکيو هو. جڏهن ته پاڙيسرين گهر اندران ايندڙ دانهن تي پوليس کي اطلاع ڪيو.

واضح رهي ته گل بهار بانو 1955ع ۾ بهاولپور ۾ پيدا ٿي، جنهن استاد افضل حسين کان موسيقي جي سکيا ورتي ۽ 1992ع ۾ ريڊيو پاڪستان بهاولپور کان ڪيريئر جو آغاز ڪيو. سندس ڪراچي منتقلي بعد شهرت جو باقاعده آغاز ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هوءَ ريڊيو ۽ ٽي جي مقبول ڳائڻي ٿي وئي.

پاڪستان حڪومت کيس 14 آگسٽ  2007ع تي حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ به ڏنو.