واٽس ايپ واهپيدار ايموجيز کانپوءِ هاڻي اسٽيڪرن سان به جذبن جو اظهار ڪري سگهندا

news

 ڪيليفورنيا: آچر 28 آڪٽوبر  2018ع: سماجي رابطن جي مشهور ويب سائيٽ واٽس ايپ تي هاڻي واهپيدارن لاءِ  پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ ايموجيز سان گڏ تمام جلد اسٽيڪرن جي سهولت پڻ موجود هوندي.

واٽس ايپ ڪمپني مطابق امڪاني طور تي ايندڙ هفتن ۾ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدار واٽس ايپ ۾ ايموجيز کانسواءِ اسٽيڪر پڻ استعمال ڪري سگهندا. في الحال واٽس ايپ ۾ اسٽيڪر شامل ڪرڻ جي آزمائش جاري آهي، جنهن کي هن وقت رڳو واٽس ايپ ڊيزائن تي ڪم ڪندڙ ٽيم ۽ ڪجهه محدود ماڻهو ئي استعمال ڪري سگهن ٿا.

واٽس ايپ اسٽيڪرن کي گوگل پلي اسٽور يا ڪنهن ايپ اسٽور مان انسٽال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو انسٽال ٿيڻ کانپوءِ پاڻمرادو ايپ جو حصو بڻجي ويندا، ان کي چيٽ ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص آپشن ڏنو ويندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري واهپيدار چيٽ ۾ اسٽيڪرن جو استعمال ڪري سگهندا، انهن مان جيڪو واهپيدارن جو پسنديده اسٽيڪر هوندو، جنهن کي هو هر هر استعمال ڪرڻ چاهي، تنهن کي فيورسٽ فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

اسٽيڪرن کي فعال ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، جڏهن ته شروعات ۾ 12 اسٽيڪر پيڪ شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪپي، سالٽي، ڪومو ۽ ٻيا شامل آهن.