عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ

news

 سنگاپور: سومر 29 آڪٽوبر  2018ع: عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ آئي آهي، جنهن جو سبب ايشيا جي اڀرندڙ معيشتن جي ترقي جي رفتار سست هجڻ جي خدشن جو سامهون اچڻ آهي.

سنگاپور مرڪنٽائل ايڪسچينج ۾ سومر تي مارڪيٽ ڪلوزنگ تي ايندڙ مهيني لاءِ برنٽ نارٿ سي ڪروڊ جي سپلائي 46 سينٽ لاٿ سان 77.16 ڊالر في بيرل ۽ آمريڪي ڪروڊ (ڊبليو ٽي آئي) جي سپلائي جا سودا 40 سينٽ لاٿ سان 67.19 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا.