زيارت ۾ مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ٻارڙو فوت

news

 ڪوئيٽا: خميس پهرين نومبر 2018ع: بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

واقعو زيارت جي علائقي سنجاوي ۾ پيش آيو، جتي ٻه ٻارڙا گهر جي اڱڻ تي راند کيڏي رهيا هئا ته اوچتو مٽيءَ جي ڇپ سندن مٿان ڪري پئي، نتيجي ۾ 10 ورهين جو ٻارڙو جميل موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو ٻارڙو زخمي ٿي پيو.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمن پهچي فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.