پيٽروليم وارين شين جا اگهه وڌائڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

news

 لاهور: خميس پهرين نومبر 2018ع: لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ وفاقي سرڪار، پيٽروليم واري وزارت ۽ نيپرا کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود حڪومت پاران پيٽروليم وارين شين جي قيمتن ۾ هر مهيني غير قانوني اضافو ڪيو پيو وڃي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بدران غير قانوني اضافو ڪري شهرين تي پيٽرول بم ڪيرايو آهي، حڪومت پهريون ئي پئٽرول جي شين تي غير قانوني طور 17 سيڪڙو اضافي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي رهي آهي.

درخواستگذار سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته عدالت پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٿيل تازي اضافي کي ڪالعدم قرار ڏئي.