سعودي پيڪيج ۽ وزيراعظم جي چين واري دوري سان اسٽاڪ مارڪيٽ تي هاڪاري اثر

news

 ڪراچي: ڇنڇر 03 نومبر 2018ع: سعودي بيل آئوٽ پيڪيج ۽ وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جا اسٽاڪ مارڪيٽ تي هاڪاري اثر پيا آهن.

رپورٽن مطابق پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق هڪ هفتي دوران 100 انڊيڪس ۾ 3 ڏهائي 6 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 100 انڊيڪس 9 هفتن جي بلند ترين سطح 42004 جي سطح تي بند ٿيو. سعودي بيل آئوٽ پيڪيج کانپوءِ سيڙپڪار سرگرم ٿي ويا، 8 ٽريڊنگ سيشن ۾ 100 انڊيڪس ۾ 12 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ 600 ارب رپين جي واڌ ٿي.

رپورٽ مطابق مارڪيٽ ڪپيٽلائيزيشن 7728 ارب کان وڌي 8388 ارب تائين ٿي ويو، هفتي دوران بئنڪنگ سيڪٽر ۽ سيمينٽ سيڪٽر جي شيئرن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي،  هڪ هفتي دوران 2 ڪروڙ 6 لک ڊالر ماليت جا شيئر خريد ڪيا ويا.