مولانا سميع الحق جي جنازي نماز ادا، سوڳوار ماحول ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

news

 نوشهره: ڇنڇر 03 نومبر 2018ع: جمعيت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي جنازي نماز اڪوڙه خٽڪ جي خوشحال خان ڊگري ڪاليج ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته کيس جامعه حقانيا جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مولانا سميع الحق جي جنازي نماز ان جي پٽ حامد الحق پڙهائي. مولانا جي جنازي نماز ۾ سڄي ملڪ مان سياسي، مذهبي اڳواڻن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مولانا سميع الحق جي جنازي نماز ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پ پ پ ڪو چيئرمين آصف زرداري، خورشيد شاهه، اسفند يار ولي، ميان افتخار حسين، خيبرپختونخواهه جي گورنر، وڏي وزير، سراج الحق، ظفر اقبال جڳهڙا، غلام بلور، ظفر الحق، امير مقام، لياقت بلوچ، سينيٽر مشتاق احمد خان، افغاني سفير، قطري سفير ۽ سعودي سفير سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مولانا سميع الحق جي مڙهه کي سوڳوار ماحول ۾ جامعه حقانيا جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.