قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه جي والدا لاڏاڻو ڪري وئي

news

صوابي: آچر 04 نومبر 2018ع: قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه جي والدا لاڏاڻو ڪري وئي.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ  ٽيم جي ليگ اسپنر ياسر شاهه جي والدا ڪي پي ڪي صوابي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي، سندس جنازي نماز 2 وڳي ادا ڪئي وئي.

ياد رهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽر ياسر شاهه جو شمار پاڪستان جي بهترين اسپن بالرن ۾ ٿيندو آهي، ماڻهو اڪثر ان کي شين وارن کانپوءِ ٻيون وڏو اسپنر مڃن ٿا.

ٻن ڏهاڪن کانپوءِ سال 2016ع لارڊز جي تاريخي ميدان ۾ ياسر شاهه جي ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.