وزيراعظم جي روسي هم منصب سان ملاقات، پاڪستان دوري جي دعوت

news

 شنگهائي: سومر 05 نومبر 2018ع: وزيراعظم عمران خان روس جي وزيراعظم دمتري ميدويديف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي.

رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان شنگهائي ۾ عالمي سيڙپڪاري ايڪسپو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جتي پنهنجي خطاب ۾ هن چيني ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. 

ڪانفرنس دوران وزيراعظم عمران خان پنهنجي روسي هم منصب سان سائيڊ لائن تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ روس جي وزيراعظم عمران خان کي منصب سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون.

ان موقعي تي ٻنهي وزيراعظمن وچ ۾ ٻن طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.

وزيراعظم عمران خان روسي صدر لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خير سگالي جو خاص پيغام موڪليو،  جڏهن ته روسي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.