اتر وزيرستان ۾ ڌماڪو، هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي

news

 اتر وزيرستان: سومر 05 نومبر 2018ع: اتر وزيرستان ۾ افغان سرحد ويجهو ريمورٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آهي.

رپورٽن مطابق ڌماڪو افغان سرحد ويجهو تنگ ڪلي ۾ ان وقت ڪيو ويو، جڏهن اهلڪار افغان بارڊر ويجهو گشت ڪري رهيا هئا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪار محمد طاهر شهيد ۽ نائيڪ محمد خان زخمي ٿي پيو.

واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.